ايمپريس مارڪيٽ

ايمپريس مارڪيٽ

ايمپريس مارڪيٽ

ايمپريس مارڪيٽ

ايمپريس مارڪيٽ

ايمپريس مارڪيٽ: ايمپريس مارڪيٽ انگريزن جي دور جو يادگار آهي ۽ ڪراچيءَ جي مرڪز ۾ واقع آهي. هي اهو هنڌ آهي، جتي سال 1857ع ۾ ٿيل غدر جي نتيجي ۾ هندستاني سپاهين کي بغاوت جي ڏوهه ۾ توپن سان اڏايو ويو هو. ڪراچيءَ جي هن وڏي مارڪيٽ جي بنياد جو پٿر 10 نومبر ١٨٨٤ع تي بمبئيءَ جي گورنر ’سر جيمز فرگوسن‘ رکيو ھو پر پيسن جي نه ھجڻ سبب ڪم جي شروعات ڪجهه دير سان ٿي ۽ سال ١٨٨٩ع ۾ مڪمل ٿي. ھن جو نقشو جيمس اسٽريچن جو ٺاھيل، رھائشي گوٿڪ طرز جو ھو. هن بلڊنگ جو افتتاح ڪمشنر سنڌ مسٽر پرچرڊ 21 مارچ 1889ع تي ڪيو. جيئن ته ان ئي سال ملڪه وڪٽوريه جي سلور جوبلي ملهائي پئي وئي، تنھنڪري هن عمارت جو نالو ”ايمپريس“، رکيو ويو. هن بلڊنگ جي تعمير تي 55 لک رپيا خرچ آيو. هيءَ عمارت يورپين طرز جي هڪ بھترين عمارت آهي. ان دور جي هيءَ هڪ بھترين مارڪيٽ هئي، جنھن مان ڏورانھن علائقن کان ماڻهو اچي خريداري ڪندا هئا. مارڪيٽ جو دروازو، مھاڙيءَ طور پريڊي اسٽريٽ طرف ٢٣١ فوٽ اوچو آھي. ان جي چوڌاري چار گيلريون ھر ھڪ ٤٠ فوٽن جي ٺھيل آھي. وچون احاطو 130x100 فوٽن جو آھي. بالڪونيءَ کي پٿر جون گهوڙيون ڏنل آھن، جنھن تي ڪيترائي نقش نڪتل آھن. مارڪيٽ جو وچون ٽاور ١٤٠ فوٽ اوچو آھي. جنھن تي خوبصورت گهڙيال لڳل آھي، جيڪو چوويهه ڪلاڪ ھلندو رھي ٿو. ھي گهنٽا گهر ڪرافورڊ بمبئيءَ واري گهڙيال گهر کان ١٢ فوٽ اوچو آھي. ھتي ھڪ باغ به ٺاھيو ويو ھو، جيڪو ھينئر اسٽال ھڻندڙن جي قبضي ۾ اچي ويو آھي. ايمپريس مارڪيٽ جي ٺھڻ کان پوءِ ھي ڪراچيءَ جي ستن مارڪيٽن مان ھڪ ھئي. ھتي ڪل ٢٨٠ دڪان ٺاھيا ويا ھئا، پر هن وقت صورتحال مختلف آهي. ورهاڱي کان پھرين ايمپريس مارڪيٽ جي ڀر واري علائقي ۾ 90 سيڪرو آبادي غير مسلم هئي، جنھن ۾ برطانوي راڄ جي اهلڪارن جا خاندان ۽ گووا ۽ مدراس کان آيل مسيحي، پارسي ۽ مراٺا آباد هئا. اهو ئي سبب آهي جو ايمپريس مارڪيٽ جي چوڌاري پارسين جي عبادتگاهه ’دار مھر‘، ڪئٿولڪ عيسائين جا چرچ ۽ اسڪول، پارسين جا پارڪ ۽ ڊسپينسريون نظر اچن ٿيون. هن عمارت جي تعمير جا ٺيڪا مسٽر ’ڊلوڪيجو‘، ’جي. ايس ايڊ فليڊ‘ ۽ ولي محمد جيوڻ کي ڏنا ويا هئا. هن عمارت جي تعمير جو 1857ع واري جنگ آزاديءَ سان خاص تعلق آهي. حقيقت ۾ 1857ع ۾ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ برطانوي فوج جي 21هين رجمينٽ جي سپاهي ’رامدن پانڊي‘ جي اڳواڻيءَ ۾ منصوبو ٺاهيو ويو ته پوري ڪينٽونمينٽ تي قبضو ڪري آزاديءَ جو اعلان ڪيو ويندو، پر ساڳي رجمينٽ سان تعلق رکندڙ هڪ مخبر جي اطلاع تي انگريز عملدارن، رات وچ ۾ ’رامدن پانڊي‘ ۽ سندس 14 باغي ساٿين کي گرفتار ڪيو. 13 ۽ 14 سيپٽمبر 1857ع جي وچ واري رات، ’رامدن پانڊي‘ جي ساٿين کي ايمپريس مارڪيٽ واري جڳهه تي، خالي ميدان ۾ ڦاهي چاڙهيو ويو. جڏهن ته رامدن پانڊي ۽ سندس 3 ساٿين کي، توپن جي منھن سان ٻڌي اڏايو ويو. ان کان پوءِ سمورن باغين جي لاشن جا ٽڪرا گڏ ڪري ڪنهن کڏ ۾ اڇلايا ويا. موجوده ايمپريس مارڪيٽ اُن جڳهه تي تعمير ڪرڻ جو مقصد ماڻهن کي خريداري جي سھوليت مھيا ڪرڻ نه هو، بلڪه رامدن پانڊي واري واقعي کان پوءِ مقامي ماڻهو رات جي اونداهه ۾ هتي اچي گُل رکي ويندا هئا. اهو ڏسي انگريزن کي خدشو ٿيو ته ڪٿي هن جڳهه کي شھيدن جو يادگار بڻائي ڪنهن نئين بغاوت جي شروعات نه ڪئي وڃي، تنھنڪري هتي خاص منصوبه بندي تحت ايمپريس مارڪيٽ جي تعمير کي عمل ۾ آندو ويو.


لفظ ايمپريس مارڪيٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو